حڪمران پارٽي جي ٻيڙي مان پنهنجا ئي ماڻهو ٽپا ڏئي رهيا آهن: سراج الحق

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمران پارٽي جي ٻيڙي مان پنهنجا ئي ماڻهو ٽپا ڏئي رهيا آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ سراج الحق چيو ته حڪومت وٽ ڪجهه ڪرڻ جو وقت ناهي رهيو، هاڻي اعلانن تي ڪير به يقين نه ڪندو، ملڪ اندر انصاف ۽ قانون جي حڪمراني جا لفظ رڳو ڊڪشنرين ۾ آهن، حڪومت ڪرپشن روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام رهي.

هن چيو ته کنڊ، اٽو، توانائي ۽ ٻين اسڪينڊلز ۾ مافيا عوام جا 880 ارب رپيا ڦريا، پي ٽي آءِ هڪ جهڙو نظام ۽ نه ئي وري وي آءِ پي ڪلچر کي ختم ڪري سگهي.

سراج الحق چيو ته شهزادن جي سياست غريبن جو رت چوسي ڇڏيو، سياسي پارٽين ۽ ايوانن تي ڪجهه خاندانن ۽ ماڻهن جو قبضو آهي، قوم جي ملڪيت قوم تي خرچ ٿيڻ کپي، سنڌ سرڪار مڪاني قانون واپس وٺي ۽ پراڻو قانون بحال ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.