رولز کان سواءِ  نيب ڪنهن خلاف ڪارروائي ڪيئن ٿو ڪري سگھي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) جي جاچ ۽ طريقيڪار جا قاعدا ۽ ضابطا بڻائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب رولز پيش ڪري نه ته نيب جون ايس او پيز معطل ڪيو وينديون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾نيب جي جاچ ۽ طريقيڪار جا قاعدا ۽ ضابطا بڻائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت نيب ۽ وفاقي حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نيب رولز پيش ڪري نه ته نيب جي ايس او پيز معطل ڪيو وينديون، هڪ مهيني جي آخري مهلت ڏئي رهيا آهيون.

عدالت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اڃا تائين نيب رولز ئي ناهين ٺاهيا ته ڪنهن خلاف ڪيئن ڪارروائي ٿي سگھي ٿي، جوابدارن کي خبر هجڻ گھرجي ته سندن ڪهڙا حق آهن.

اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته نيب آرڊيننس ۾ ٻئين ترميم جي ڪري رولز ٺاهڻ ۾ دير ٿي آهي، نئين نيب آرڊيننس موجب رولز فريم ڪرڻ ۾ 120 ڏينهن جي مدت هوندي آهي، نيب ترميمي آرڊيننس ۾ ڪجهه تبديليون ڪيو ويون آهن، جنهن لاءِ رولز ڊرافٽ کي حتمي شڪل نٿا ڏئي سگھون.

نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته نيب رولز جو ڊرافٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو هو ۽ عدالت کان اسدعا ڪئي هئي ته جيستائين نيب رولز جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي ٿئي، ڊرافٽ پبلڪ نٿو ڪري سگھجي، جنهن تي درخواست گذار چيو ته هر ڀيري نوان دستاويز لڳايا وڃن ٿا، نيب رولز ٺاهڻ ۾ سنجيده ئي ناهي، نيب ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري ٿي، پر جوابدارن کي پنهنجي حقن جي خبر ئي ناهي.

درخواستگذار جو چوڻ هو ته نيب رقم جي اوڳاڙي مان پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ 2002 ۾ قانون ٺاهيا، پر جاچ جارولز ناهن ٺاهن، نيب رولز ٺاهڻ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪري رهي آهي، نيب ورهين کي بنا رولز ٺاهڻ جي ڪم ڪري رهي آهي، نيب آرڊيننس جي شق 34تحت رولز ٺاهڻ ضروري آهي.

عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل پاڪستان جي مهلت واري استدعا تي وڌيڪ ٻڌڻي 2مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.