ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ مشهور جوڙي سنجي دت ۽ سنيل شيٽي کي 12 ورهين کان پوءِ گڏ اسڪرين تي واپس آڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
ميڊيا رپورٽن موجب سنجي دت ۽ سنيل شيٽي بالي ووڊ جي ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن ۾ گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.
اداڪارن کي آخري ڀيرو 2010ع ۾ رليز ٿيل فلم ”نو پرابلم“ ۾ ڏيکاريو ويو هو.
سنجي دت ۽ سنيل سيٽي جلد مشهور فلم ”يملا پگلا ديوانه“ جي هدايتڪار سمير ڪارنڪ جي مزاحيا فلم ۾ نظر ايندا.