واٽس ايپ ۾ زبردست فيچر متعارف ڪرائڻ جي تياري

پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دنيا جي مشهور ايپ واٽس ايپ پنهنجن واهپيدارن جي پراڻي خواهش پوري ڪري رهي آهي.

واٽس ايپ جي اپڊيٽ ۽ فيچرز تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ بيٽا انفو موجب واٽس ايپ گروپس ۾ ايڊمن کي ڪنهن به ميمبر جي چيٽ ڊليٽ ڪرڻ جو اختيار جلد فراهم ڪيو ويندو.

واٽس ايپ گروپ جا جيترا به ايڊمن هوندا انهن کي نئين فيچر تحت ڪنهن به گروپ ميمبر جي چيٽ ڊليٽ ڪرڻ جو اختيار هوندو.

ويب سائيٽ موجب اها نئين سهولت جلد واهپيدار کي فراهم ڪئي ويندي، نئون فيچر اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ٻنهي واهپيدارن لاءِ هوندو.

ان ايپ ۾ انڪاني نئين فيچر جو مقصد گروپ ايڊمن جي اختيارن ۾ واڌ ڪرڻ آهي ته جيئن هو واٽس ايپ گروپ کي بهتر انداز ۾ هلائي سگھن.

واٽس ايپ تي چيٽ ڊليٽ ڪرڻ جو آپشن ڪڏهن فراهم ڪيو ويندو ان جي حتمي تاريخ سامهون ناهي آئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.