پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا اتر ڪوريا جي وڌيڪ ٻن بيلسٽڪ ميزائل تجربن تي مذمت جو اظهار ڪيو آهي. هڪ مهيني ۾ اتر ڪوريا 6 بيلسٽڪ ميزائل تجربا ڪري چڪو آهي.
آمريڪا جي پرڏيهي کاتي موجب لاڳيتو جوهري هٿيارن جو تجربو سلامتي ڪائونسل جي مختلف ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي. گذريل ڏينهن ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان دعويٰ ڪئي هئي ته اتر ڪوريا وڌيڪ ٻن بيلسٽڪ ميزائلن جا تجربا ڪيا آهن.