افغانستان ۾ زندگي منجمد دوزخ بڻجي چڪي آهي: گڏيل قومون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته افغانستان ۾ روزمرهه جي زندگي منجمد دوزخ بڻجي چڪي آهي.

انتونيو گوتريس سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان ۾ امدادي ڪارروائيون محدود ڪندڙ ضابطا معطل ڪيا وڃن ۽ عالمي امداد سان پبلڪ سيڪٽر ورڪرز جون پگھارون ادا ڪيون وڃن.

هن چيو ته اسان کي انهن اصولن ۽ شرطن کي معطل ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪي نه رڳو افغانستان جي معيشت پر اسان جي زندگي بچائيندڙ ڪارروائين کي به محدود ڪن ٿا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته طالبان دهشگردي جا خطرا گھٽائڻ لاءِ عالمي برادري، سيڪيورٽي ڪائونسل سان گڏ ڪم ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.