عالمي سازش تحت ڪراچي ۾ جهيڙا ڪرايا پيا وڃن:اياز لطيف پليجو

اسلام ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي عالمي سازش تحت ڪراچي ۾ جهيڙا ڪرائي سنڌين لاءِ بند ٻڌيو پيو وڃي،  سازش ۾ اسلام آباد سميت سمورا حڪمران گڏ آهن.

اسلام ڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڪارونجهر بچايو، ٿر جا وسيلا بچايو جي عوان سان جلسلو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پارٽي سربراهه اياز لطيف پليجو سميت ٻين اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته  اياز لطيف پليجو جي پنڊال ۾ پهچڻ تي مٿس گلن جي ورکا ڪري سندس شانداز استقبال ڪيو ويو.

جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڏيڻ کپي ها، ننگرپارڪر جي سول جج فيصلو ڏنو، جنهن تي هو جُڊيشنل مئجسٽريٽ ننگرپارڪر کي سلام ٿو پيش ڪري ٿو.

هن چيو ته ٿر ۾ بُک آهي، مائرون رت جي کوٽ سبب ڪمزور ٻارن کي جنم ڏين ٿيون، جيڪي بکون وگهي مرن رهيا آهن، حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي، ٿر ۾ روڊ وسيلا چوري ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب خودڪشيون عام ٿي ويون آهن، جيڪي خودڪشيون نه قتل آهن.

اياز لطيف پليجو چيو ته عالمي سازش تحت ڪراچي ۾ جهيڙا ڪرائي سنڌين لاءِ بند ٻڌيو پيو وڃي، سازش ۾ اسلام آباد سميت سمورا حڪمران گڏ آهن، سنڌين کي ويڙهايو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.