عوام کي عمران خان مان وڏيون اميدون هيون، پر پورو نه لٿو: لياقت علي جتوئي

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي چيو آهي ته پنجاب ۾ ڀاڻ جو في ٻوري 1750 ۾ پئي ملي ۽ ساڳي ۾ ئي ٻوري سنڌ ۾ ٽي ھزار تائين وڪري ٿي رهي آهي، پر آبادگارن جي معاملي تي وفاقي يا سنڌ سرڪار ڪا به ڪاميٽي ناھي جوڙي، جنهن ڪري سنڌ جا آبادگار پريشان آهن.

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي ميهڙ ويجھو ڳوٺ خداداد کوسو ۾ عبدالغني کوسو پاران سندس مان ۾ ڪوٺايل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي لياقت جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر جي سنڌي ٽوپي واري بيان جي مذمت ڪجي ٿي،  اھڙا بيان سنڌ لاءِ نقصانڪار آھن، سنڌ سنڌين جي آھي ۽ ڪراچي جا وارث سنڌي آھن.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مڪاني نظام تي ھڪ ڀيرو ٻيهر نظر ثاني ڪري جيڪو نظام ٺاھيو آھي، اھو نظام عوام جي ڀلائي ۾ ناھي، وفاقي سرڪار عوام کي مايوس ڪيو،  عوام کي عمران خان مان وڏيون اميدون هيون، پر هو انهن اميدن تي پورو نه لٿو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.