ڪوٽڙي: نينگري ويڳي پيءُ جي گھران مبينا طور اغوا، ڪيس داخل

ڪوٽڙي مان نينگري ويڳي پيءُ جي گھران مبينا طور اغوا ٿي وئي، جنهن جو ڪيس 4 جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو آهي.

ڪوٽڙي سائيٽ جي بروهي چوڪ واري علائقي مان 17 ورهين جي بختاور امجد چانڊيو ويڳي پيءُ جي گھران مبينا طور اغوا ٿي وئي، جنهن جو ڪيس سندس ويڳي پيءُ فاضل نور راهوجو ڪوٽڙي ٿاڻي تي 4 ڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

فاضل نور راهوجو ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته چئن جوابدارن آصف منير، منير احمد، انتظار راجپوت ۽ حفيظ الله جويو سندن گھر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي زبردستي وڳي ڌيءُ بختاور کي ڪار ۾ اغوا ڪري کڻي ويا آهن، پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي بختاور کي بايازب ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.