خيرپور عدالت ۾ لاڙڪاڻي واسي گم ٿيڻ بابت ٻڌڻي، ايس ايڇ او طلب

خيرپور ( س  ر) خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت لاڙڪاڻه جي علائقي ڳوٺ مور چانديو جي رهواسڻ مسمات صغران چانڊيو جي داخل ڪرائيل درخواست تي ڪاروائي ڪندي ڪنب ٿاڻي جي ٿاڻيدار خلاف ليٽر جاري ڪندي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته 20 جنوري 2022 تي مبينيٰ ڪنب پوليس هٿان کنڀيل رميز علي ولد اوشاق چانڊيو جي والده مسمات صغران چانڊيو طرفان عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو آهي ته ڪنب ٿاڻي جي پوليس سندس جي پٽ رميز علي چانڊيو کي 20 جنوري تي جهنڊو مشائخ وٽان گذرندي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي. عدالت ان داخل ڪرائيل درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڪنب ٿاڻي جي ٿاڻيدار کي ليٽر جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.