پيرو لاشاري ۾ڳوٺاڻن جو سهولتون نه هجڻ تي پوليو مهم جو بائيڪاٽ، احتجاج

پيرولاشاري (ن ع آ ) پيرولاشاري ڀرسان يوسي رپ جي ڳوٺ مھرعلي شاھ جي ڳوٺاڻن لاشاري برادري جي ماڻھن پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام اڪبر لاشاري. دلنواز لاشاري. دل محمد لاشاري. ولي محمد لاشاري سميت ٻين ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيوته  اسان جي ڳوٺن ڀرسان مرغي فارم ھئڻ جي ڪري رولوڪتن ڪيترن ماڻھن کي ڏاڙھي وڌو آھي. ھنن جو چوڻ ھوته اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان مورجھر نالي تان موري به نه آھي ۽ جڏھن ڪو ڳوٺ جو ماڻھو فوت ٿئي ٿو ته ان جو لاش مورجھر نالي مان کڻي پاڻي مان لنگھڻون ٿو پوي. ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ رولو ڪتا ماريا وڃن ۽ اسان جي ڳوٺ ڀرسان مورجھر نالي تان موري ٺھرائي ڏني وڃي. ٻي صورت ۾ اسان سڀ لاشاري برادري جا ماڻھو ايندڙ پوليو مھم جو مڪمل بائيڪاٽ ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.