سنڌ جي قومي سوال جي ارتقا ۽ نوان اڀرندڙ تضاد

تحرير؛نثار لغاري

پاڪستان جي قيام کان وٺي هتي جمهوري، قومي ۽ طبقاتي مسئلن مختلف وقتن تي ڪر کنيو، خاص طور قومي سوال شدت اختيار ڪري ورتي ۽ بنگالين ۾ ٻوليءَ جي تضاد قومي سوال کي هڪ نئون رخ ڏنو.قومي مسئلي کان وٺي، جمهوري قدرن جي واڌ ويجهه ۽ طبقاتي تضاد کان بچڻ لاءِ هتان جي روايتي غير جمهوري حڪمران طبقن مذهب ۽ نظريه پاڪستان کي بنياد بڻائي ورتو.هنن اهو چيو ته اسين سڀ مسلمان آهيون، هڪ قوم يعني پاڪستاني قوم آهيون ٻي ڪا به قوميت يا قوم سڏائڻ غداري آهي ۽ ان جي جنهن به ڳالهه ڪئي ان کي سزا ڏني ويندي.

اهڙي ريت بنگالين جي اڪثريت کي ختم ڪرڻ لاءِ ون يونٽ جو فارمولو آندو ويو، بلوچستان، پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه سابق صوبا ٿي ويا، انهن جا نالا لکڻ سرڪاري طور ڏوهه قرار ڏنو ويو، جنهن به ڪنهن خط يا ڪاغذ تي سنڌ لکيو ته اهو ڏوهاري بڻجي ويو. انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪندي شيخ اياز اهو لکيو ته ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ لکيم، ڪاريهر تي ڄڻ پير رکيم!

اهڙي ريت سموري ملڪ ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ هلي ۽ قومي جذبن وڏي پئماني تي اُڀار کاڌو، سنڌ ۾ قومپرستي جو تصور ۽ خيال وڌيڪ پختو ٿيو، جيڪو ادب ۽ سياست ۾ وڌيڪ متحرڪ ٿيو.

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ سنڌ هاري ڪاميٽي هارين جي طبقاتي حقن لاءِ 1930ع کان ڪم ڪري رهي هئي پر 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان طبقاتي قومي رنگ اختيار ڪيو، خاص طرح سنڌ جون زمينون سنڌ جي هارين کي ڏيڻ جي بدران ٻاهران  آيلن کي ڪليم ۾ ڏنيون ويون، واڻين وٽ گروي رکيل زمينون پڻ ٻاهران آيل ماڻهن کي ڏنيون ويون، اهڙي ريت قومي تضاد يا قومي احساس محرومي وڌڻ شروع ٿيو، ان جو سيڪ پهرين ڪامريڊ حيدربخش جتوئي محسوس ڪيو ۽ پوءِ هندستان مان آيل مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ عزيز سلام بخاري پڻ هن حوالي سان سرگرم ٿيو، هنن جو چوڻ هو ته سنڌ جي زمين تي پهريون حق سنڌي هاري کي آهي!! هن ئي دور ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجو مشهور نظم جيئي سنڌ لکيو.

سنڌ جي هاري ۽ سياسي انقلابي ورڪر سان گڏ ان وقت مسلم ليگ ۽مسلم قوميت جي تصور سان سرشار اڳواڻن پڻ اهو محسوس ڪيو ته ها برابر سنڌ جو قومي استحصال ٿي رهيو آهي.

1947ع کان ڪجهه عرصو اڳ محترم جي ايم سيد پڻ مسلم ليگ کان ڌار ٿي ويو ۽ هن سنڌ جي قومي حقن جي ڳالهه ڪئي.

پاڪستان ۾ جيئن ذڪر ڪري آياسين ته قومي، جمهوري ۽ طبقاتي حقن کي دٻائڻ لاءِ هڪ طرف قومي نظريه جو سهارو  ورتو ويو ۽ ٻئي طرف ملڪ مٿان فوجي آمريت لاڳو ڪئي وئي ته جيئن هر قسم جي عوامي امنگ ۽ احتجاج کي دٻائي سگهجي.ايوبي آمريت  1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، انجمن ترقي پسند مصنفين ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ هاري ڪاميٽي، مسلم ليگ سميت هر سياسي تنظيم تي پابندي لڳائي ڇڏي، هن آمريتي قدم جو مقصد سموري سماج کي غير سياسي بڻائڻ هو.

فوجي آمريت ۾ هن حوالي سان هر سياسي ڪارڪن کي گرفتار ڪيو ويو، خاص طرح سنڌ هاري ڪميٽي، ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن خلاف وڏي پئماني تي ڪارروايون ڪيون ويون.

ايوبي آمريت نه فقط ملڪ ۾ سڀني سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي ڇڏي پر پنهنجي سرڪاري پارٽي مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آڻي، سموري رياستي مشينري کي ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو.ايوب خان جون اهي سڀ ڪوششون اڳتي هلي ناڪام ٿي ويون ۽ هو وڏن احتجاجن جي ڪري حڪومت ڇڏي هليو ويو پر هن هڪ ٻئي آمر کي اقتدار حوالي ڪيو.

هن سموري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽي توڙي کاٻي ڌر جون ٻيون قوتون ۽ جمهوري ڌريون سرگرم رهيون ۽ ملڪ جمهوري ۽ غير جمهوري لڙائي ۾ جڪڙيل رهيو، انهيءَ سموري عرصي دوران قومي حقن توڙي طبقاتي حقن جي تحريڪ دٻيل رهي.

جنرل يحيٰ خان جيئن ئي اليڪشن جو اعلان ڪيو ۽ جمهوري سرگرميون تيز ٿيون ته پوري ملڪ ۾ دٻيل تضاد اڀري آيا، خاص طور بنگلاديش وارو بحران پيدا ٿيو ۽ 1971ع ۾ پاڪستان ٻه حصا ٿي ويو. بنگالين جي اڪثريت ۽ سندن جمهوري مطالبن کي تسليم نه ڪيو ويو، ان جو ڀيانڪ نتيجو اهو نڪتو!! 1972ع ۾ ئي سائين جي ايم سيد پڻ پاڪستان جي سياست کان بيزاري جو اعلان ڪري سنڌ جي آزاديءَ جي ڳالهه کلئي عام ڪرڻ لڳو پر ساڳئي وقت هو اهو سمجهي رهيو هو ته جمهوريت رياست کي بچائيندي ۽ آمريت سندس بنيادن کي ڪمزور ڪندي.

67-1969ع کان ئي ذوالفقار علي ڀٽو پيپلزپارٽي جو قيام عمل ۾ آڻي، روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هڻي سوشلزم اسان جي معيشت آهي جي بنياد تي عوام کي متحرڪ ڪيو ۽ مغربي پاڪستان ۾ اليڪشن کٽي ورتي.

ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري دور ۾ قومي ۽ طبقاتي تضاد تيزي سان واڌ ويجهه ڪئي ۽ سنڌ جي مڊل ڪلاس جي واڌ ويجهه ان کي اڃا تيز ڪيو.سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي حوالي سان سياسي جماعت قائم ٿي جيئي سنڌ تحريڪ جيڪا پوءِ جيئي سنڌ محاذ جي صورت اختيار ڪري وئي.

سنڌ جو قومي سوال ڀٽي جي دور ۾ نوڪرين ۾ زيادتي جي حوالي سان مڊل ڪلاس جي مطالبن تائين بيٺل هو، سنڌي ٻولي خلاف مسلسل ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ هو، جنهن خلاف پڻ ڪاوڙ هئي، سنڌ جا اهم شهر آهستي آهستي سندن هٿن مان نڪري چڪا هئا، جيڪي اڄ به سندن ڪنٽرول کان ٻاهر آهن، اقتدار اعليٰ جو اختيار جمهوري دور ۾ به نالي ماتر  آهي.

سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ملڻ کان پوءِ تيل، گئس ۽ ٻين وسيلن جو استحصال پڻ جاري آهي، هتان جي ڪارخانن ۾ ڌاريا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا آهن، هي معاملا پڻ آهستي آهستي وڌندا ويا ۽ اڄ قومي تحريڪ جا اهم اشوز آهن.

سنڌ جي پاڻي جو مسئلو خاص طرح ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ پاڻي چوري به اهم اشوز رهيا آهن، هن حوالي سان قومپرست قوتن وڏي اهميت اختيار ڪئي.

عالمي سطح تي 1991ع ۾ سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي ڊهڻ سان عالمي ۽ ملڪي توڙي سنڌ جي سياست ۾ وڏي اٿل پٿل اچي وئي خاص طرح مظلوم ۽ محڪوم طبقا سياست مان خارج ٿيڻ شروع ٿي ويا.

سنڌ جي قومپرست حلقن وٽ اڳم ئي هاري ۽ مزدور طبقو ڪا اهميت نه رکندو هو، ان ڪري هنن مٿئين وچولي طبقي ۽ ايتري قدر جو وڏيري مير ۽ پير کي سياسي قوت سمجهڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي ريت سندس سياسي فڪري زوال پڻ شروع ٿي ويو.ڪميونسٽ ۽ ترقي پسند سياست ته يقينن ڪمزور ٿي هئي پر قومپرست سياست ۾ جيڪا حقيقي عوامي وطن دوستي هئي ۽  ان ۾ سامراج دشمني هئي ان کي ڄاڻي واڻي نقصان رسائڻ ۽ وطن دوست قومي تحريڪ کي عالمي سامراج جي تابع ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ٿي رهي آهي.

موجوده دور ۾ جڏهن هڪ دفعو وري مارڪسي فڪر پنهنجي عارضي لاٿ کان پوءِ طاقتور ٿي رهيو آهي، تڏهن اهي سمورا فڪري ۽ نظرياتي مونجهارا ۽ سوال ڪر کڻي رهيا آهن.

اڄ سنڌ ۾ ڪي نام نهاد ڏاها قومپرست اهو سمجهي رهيا آهن ته سنڌ جي قومي آزادي ۽ بقا جو سوال عالمي طاقت آمريڪا سان ۽ يورپي يونين سان جوڙڻ گهرجي، هي ڏاها اهو پڻ چئي رهيا آهن ته آمريڪا هاڻ سامراج ناهي رهيو. هاڻ اسان کي نئين انداز ۾ آمريڪا کي ڏسڻ گهرجي، اڄ سنڌجي قومي حقن جي تحريڪ کي سامراج نوازي کان بچائڻ لاءِ حقيقي وطن دوست انقلابي قوتن کي اڳتي اچڻو پوندو ٻي صورت ۾ عالمي سامراج جي غلامي اسان جو مقدر بڻجي ويندي.

هن وقت حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ پرامن طريقي جئين جئين قومي طبقاتي سوال ارتقا ڪري رهيو آھي تئين تئين سنڌ دشمن قوتون لساني ۽ قبيلائي توڙي ٻيون دھشتگرديون ڪرائي عوامي پيشقدمي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آھن پر اهي سڀ ناڪام ٿينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.