ڪتاب ”پيڙا جو سفر“ تي تبصرو

تحرير؛ڊاڪٽر قاضي خادم

”پيڙا جو سفر“ نالي سان هي ڪتاب محترمه حميده گهانگهرو جي آٽو بايو گرافي تي ٻڌل آهي، پاڻ کاٻي ڌر جي مارڪسسٽ نظرئي جي پيروڪار سياستدان آهي، سنڌ جي هن نياڻيءَ پنهنجي سموري حياتي هارين جي حقن واري جدوجهد ڪندي گذاري آهي، جنهن ڪري هوءَ هميشه جاگيردان جي ظلم ۽ زيادتين جو شڪار رهي،پنهنجي مقصد جي لاءَ مسلسل جدوجهد ڪري کيس ”ڪامريڊ“ جي حوالي سان سڏيو ويندو آهي،هر قدم تي قيد ۽ بند جي سختين سهڻ،  ايتري تائين جو سندس گهر واري نذير عباسي کي ان راهه ۾ پنهنجي حياتي ڏيڻي پئي ۽ کيس جدوجهد تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ خطرناڪ نتيجن جي تنبيهه ڪئي وئي پر هوءَ سياسي سفر ۾ پنهنجي ارادي تي اٽل رهي، ڪڏهن به ان تان هٿ نه کنيو، جاگيردارن ۽وڏيرن خلافت تحريڪ جي ڪري ئي هن کي اهڙيون سختيون سهڻيون پيون. ڇاڪاڻ جو   وڏيرا  هارين ۽ پورهيت طبقي جي زندگيءَ ۾ ڪنهن به  بهتري جا شديد مخالف هئا. ان ڪري جيڪو به هاري ۽ پورهيت جي حق ۾ آواز بلند ڪندو هو ته ان کي مذهب مخالف قرار ڏئي ، ان جي خلاف هر قسم جو ڏاڍ ۽ جبر ڪيو ويندو هو.

هن ڪتاب ۾پاڪستان جي تاريخ جي انتهائي جبر واري دور ، ايوب خان جي ۽ آڪٽوبر 1985  جنرل ضياالحق جي مارشل لائن  جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي به  حياتي ۽ عزت محفوظ نه سمجهيا ويندا هئاميڊيا تي تمام گهڻي سختي هوندي هئي ۽ ريڊيو حڪمرانن جو ترجمان بڻجي ويو هو.پوليس کي حد کان وڌيڪ اختيار ڏنا ويا هئا ته ڪو به حڪومت خلاف هڪڙو به لفظ ڳالهائي ته ان کي بخش نه ڪيو وڃي.

هي اهو زمانو هو جڏهن سنڌ جي نوجوانن اهڙي ظلم ۽ آپيشاهي خلاف سنجيدگي سان جدوجهد ڪئي، ان تحرڪ سان هڪ نئين قيادت اڀري سامهون آئي.ان دور ۾ ئي ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ سندس ساٿي حڪمرانن جي نا انصافي ۽ تڏهوڪي ظلم خلاف اٿي کڙا ٿيا انهن خطرناڪ حالتن جو وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو،انهن ۾ ليکڪا جو گهر وارو  نذير عباسي به شامل هو.

ليکڪا پنهنجي ڪٿا روايتي طريقي سان پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين، ڪٽنب جي پس منظر  ۽ هاري اڳواڻن جي جدوجهد سان شروعات ڪئي آهي،هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئي سميت ڪيترن ئي هندو ۽ مسلمان ڪامريڊن  جي پيڙيل طبقي جي لاءِ جدوجهد سان سياسي  حالتون پچي راس ٿيل هيون. اهي ڪامريڊ  هارين جي حقن جي لاءِ هلندڙ تحريڪ ۾ شامل هئا.سندس والد سيٺ هاشم گهانگهرو فوج مان رٽائر ڪيو هو، جيڪو هڪ مذهبي عالم پڻ هو،جنهن پنهنجي دور جي وڏي انقلابي اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌي کان گهڻو پرايو هو، جن ٻين  اڳواڻن کان، ليکڪا جو والد ،مستفيد ٿيو هو انهن ۾ مولانا محمد صادق کڏي مدرسي وارو، جيڪو هڪ اسڪالر ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جو سينئر ميمبر به هو، شامل آهي.ان کانسواءِ  ڪيترن ئي ناولن جو ليکڪ قاضي فيض محمد جنهن پنهنجي بايو گرافي   ”منهنجو سفر“ پڻ لکي آهي. چوڌري افضل ۽ سي آر اسلم جهڙن انقلابين سان به ليکڪا جي والد جو گهرو لاڳاپو هو.

حميده گهانگهرو ان ماحول ۾ وڌي ويجهي وڏي ٿي، هن جي نذير عباسي سان پهرين ملاقات هڪ سياسي گڏجاڻيءَ ۾ ٿي،پر ان ۾ نذير  کيس متاثر ڪري نه سگهيو .پر هن جڏهن ڳالهايو ۽ مدلل تقرير ڪئي ته ليکڪا ان جي فين ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هنن پرڻو ڪيو.هنن جي محبت جي اهم ڳالهه ٻنهي ۾ نظرياتي هڪجهڙائي هئي.ٻئي کاٻي ڌر جا سخت گير ۽ سرمائيدارن جا سخت مخالف هئا.ٻئي هر صورت ۾ هارين کي سندن حق ڏيارڻ ۽ سماجي نا انصافي خلاف گڏجي وڙهڻ لاءِ پُرعزم هئا.جنهنڪري هو هميشه سختيءَ هيٺ رهيا ۽ ان واٽ ۾ نذير عباسي کي پنهنجي زندگيءَ ڏيڻي پئي.هن کان اڳ هڪ ٻئي ڪميو نسٽ اڳوان حسن ناصر کي پڻ پنهنجي نظرئي تي ڄمي بيهڻ جي ڏوهه ۾ تشدد ڪري شهيد ڪيو ويو هو.

ليکڪا ان دور جي تاريخ کي نطرياتي نقطه نظر سان گهڻي گهرائي ۽ ڌيان سان پيش ڪيو آهي،جنهن کي هن سنڌ جو اونداهو دور قرار ڏنو آهي،جنهن ۾ انتها پسندن  خاص ڪري سنڌي ۽ کاٻي ڌر وارن کي  هدف بڻايو ويو.هن پاڻ تي  ۽ سندس ساٿين تي ان وقت جي رياستي اختيارين جي حڪمن تحت   ٿيل ظلمن ،قيد بند ۽ تشدد کي بيان ڪيو آهي، هن جيلن ۾ جهڙوڪ نارا جيل ۾ سنڌي قيدين جي زندگيءَ کي لفظن ۾ چٽيو آهي، جتي پاڻ به قيدياڻي ٿي پهتي هئي.جتان هو ءَ مير حيدر ٽالپور ولد علي احمد ٽالپور ( جنهن کي پاڻ غلطيءَ سان مير رسول بخش جو پٽ لکي وئي آهي، صفحو 56 . ) صالح بلو ۽نورمحمد چنڙ جي ڪوشش سان ضمانت تي آزاد ٿي هئي.هوءَ محرابپور ۾ ڇوڪرين جي لاءِ ڪاليج قائم ڪرائڻ واري جدوجهد ڪرڻ تي جيل وئي هئي، حڪومت اهو ڪاليج محرابپو جي بجاءِ ڪنڊياري ۾ قائم ڪيو.

پاڻ نذيرعباسي سان سندس شاديءَ بابت تفصيل سان اٿائين آهي،جنهن ۾ سنڌ جي مشهور شاعرن ابراهيم منشي ۽ منصور ميراڻي نه رڳو شرڪت ڪئي هئي پر  هنن ٻنهي ڄڻن جي خاص موقعي جي لاءِ لکيل انقلابي شاعري ٻڌائي هئي. جڏهن ته شميم واسطي هنن جي لاءِ حيدراآباد ۾ هڪ ننڍڙي گهر جو انتظام ڪيو هو.شادي ٿيڻ کانپوءِ پاڻ يڪدم بلوچستان ۾ هڙتال جي لاءِ هلي وئي جتي گرفتار ٿي بدنام زمانه مچ جيل ۾ باندياڻي ٿي، جتي هن  ڪيترين ئي عورت قيدين سان ملاقات ڪئي جيڪي بنا ڪنهن سبب جي جيل ۾ پيل هيون،جيڪي بي دريافتيون، انتهائي خراب ۽ مايوس ڪندڙ حالت ۾اتي بند هيون،هن بلوچستان جي ان جيل ۾ هئڻ دوران پيش آيل عجيب ۽ دلچسپ واقعن کي به بيان ڪيو آهي،پاڻ ڪراچي جيل ۾ هئڻ دوران اتي جو تفصيل به هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي.

هن ٻين ڪامريدن جهڙوڪ ڄام ساقي جيڪو ان وقت تمام اهم سياسي اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر هو بابت پڻ لکيو آهي،جيڪو پنهنجي مقصد سان مڪمل سچو ۽ پڪو نظرياتي سياستدان هو.هو پاڻ ارپيندڙ هو جيڪو  ڪنهن به لالچ تي نه هرکيو ،نه  ئي وري ڪنهن دٻاءُ ۾ اچي ڊڄي بليڪ ميل ٿيو ،  اهڙيون خوبيون دنيا جي گهٽ انسانن ۾ هونديون آهن.پنهنجي مضبوط ۽پڪن ارادن تي بيٺل ڄام ساقي جو جيل ڄڻ ته ٻيو گهر هوندو هو. جيتوڻيڪ  کيس غيرانساني تشدد ۽ هر قسم جو  ايذاءُ ڏنو ويو پر رياست جو ڪو به  طريقو هن کي پنهجي نطرئي تان  هٽائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو.

ليکڪا پنهنجي گهر واري ڪامريڊ نذير عباسي جي بي دردي سان شهادت جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي مڙهه کي سول اسپتال مان عبدالستار ايڌي کڻائي ڪراچي جي سخي حسن قبرسات ۾ دفنايو هو.ليکڪا پنهنجي شهيد مڙس جي قتل جي ، ايف آءِ آر جنرل ضيا ۽ تڏهوڪي سنڌ جي گورنر ايس ايم عباسيءَ خلاف داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن رڪن الدين قاسمي ۽ حسن حميديءَ کان هن قانوني مدد ورتي هئي،.(نوٽ: پيروي رڪن الدين قاسمي ۽ حسن حميديءَ نه پر ڪراچي مان بئريسٽر ودود ڪئي هئي : حميده گهانگهرو)هاءِ ڪورٽ ان ڪيس جي ڪارروائي هلائي ۽استغاثه موجب نذير جي شهادت کي قدرتي موت ثابت ڪيو ويو.

حميده پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي سادن لفظن ۾ روشن پهلو سان بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ ايوب ۽ ضياءَ جي دور جي سموري تصوير کي چٽي نموني  ذهن ۾ سمائي سگهجي ٿو،هن آٽو بايو گرافي واري ڪتاب پڙهڻ بنا ڪو فرد ڪڏهن به اهو نه سمجهي سگهندو ته ان دور ۾  عوام جي معاشي استحصال کان ڇوٽڪاري،  سياسي، سماجي پاڻڀرائپ جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ انصاف ڀرئي سماج جوڙڻ جي لاءِ جاکوڙيندڙن سان حقيقت ۾ ڇا وهي واپري ٿو.

هي سوانح حيات هڪ اهڙي سنڌي عورت جي آهي جنهن اهو ثابت ڪيو ته اها اهڙي مٽي جي تخليق آهي، جيڪا ظلم جي هر صورت سان جهيڙي سگهي ٿي ۽ سماج جي پيڙيل ماڻهن سان پنهنجي ڪيل وچن پاڙڻ جي لاءِ هو هر حد يا سرحد پار ڪري وڃي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.