معذور نياڻيءَ سان لڄالٽ جو واقعو

ميڊيا جي اطلاعن موجب جناح اسپتال ڪالونيءَ ۾ رهندڙ هڪ ذهني معذور نياڻيءَ سان لڄالٽ جو واقعو پيش آيو آهي. جنهن خلاف ڪالونيءَ واسين احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو آهي. اطلاع آهن ته سنڌ جي گورنر اهڙو نوٽيس پڻ ورتو آهي ۽ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ کان تفصيلي رپورٽ به طلبي ورتي آهي.

لڄالٽ جي واقعن جي تاريخ هن ملڪ، سنڌي، توڙي ڪراچيءَ ۾ ڊگهي آهي ۽ اها وقت بوقت ميڊيا ۾ پڻ پڌري ٿيندي رهي آهي. اهڙي اڻ وڻندڙ تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي اهڙن واقعن جو ٿيڻ ڪنهن به ملڪ توڙي معاشري لاءِ هاڃيڪار آهي، اهڙا واقعا اسانجي وقار، ملڪي وقار توڙي سماجي وقار کي جيڪو ڇيهو رسائن ٿا، ان بابت سوچي انسان پنهنجي انساني سڀاءَ موجب اندر اندر ۾ لڄي ٿيڻ لڳي ٿو ته انساني روپ ۾ ڪي وحشي جانور به سماج ۾ رهن ٿا. جن جي ڪري انساني وقار زخمي ٿئي ٿو.

اهڙا واقعا ٿيڻ خود ملڪ جي حڪمرانن سميت قانون جي رکوالن لاءِ ڪي سٺا سنوڻ نه آهن، اهڙن واقعن جو ٿيڻ اهو ٻڌائيندو آهي ته سماج اندر قانون جي عملداري يا پاسداري نه ٿي رهي آهي. جناح اسپتال ڪالوني هر طرح محفوط هنڌ تي آهي ۽ اتي رهندڙ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جناح اسپتال سان ئي جڙيل آهن. جنهن ڪري ڪالونيءَ ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ جي ماڻهوءَ جو اچڻ ۽ اهڙو شرمناڪ عمل ڪرڻ ان لاءِ ڏکيو آهي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويدار آهي، جڏهن ته ان کي ظاهر ڪيو نه ويو آهي. سندن گمان آهي، ذهني طورمعذور نياڻيءََ سان لڄالٽ ڪرڻ واري شرمناڪ عمل ۾ خود پوليس جو ڪو عملدار ملوث آهي، پر جيستائين اهو ماڻهو/ جوابدارن ظاهر نه ڪيو ويو آهي، اهڙو ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي.

ڪنهن به طرح هي واقعو ڏکوئيندڙ آهي، ساڳئي وقت احتجاج ڪرڻ جهڙو پڻ آهي، احتجاج ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن هن عمل ۾ شامل ٿيندڙ جوابدار کي ترت گرفتار ڪري ان کي ظاهر ڪيو وڃي ته هو ڪير آهي، جيڪڏهن هو قانون جي رکوالي ڪندڙ ڪنهن به اداري جو فرد آهي، ته اهو ان اداري لاءِ بدناميءَ جو سبب بڻبو، جنهن ڪري ان شخص کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي جيئن اڳتي ڪو به شخص اهڙي ڪنهن به عمل کان اڳ ڪيئي ڀيرا سوچي.

جيستائين هن واقعي جو تعلق آهي ته اهو افسوس جوڳو آهي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي. ساڳئي وقت اهو به خيال رکيو وڃي ته اهڙن انساني ذات لڄائيندڙ المين تي سياست نه ڪئي وڃي. هي هڪ انساني واقعو آهي، جنهن قسم جا واقعا سنڌ توڙي پنجاب ۾ اڪثر رپورٽ ٿيندا رهن ٿاجن جو ڪو به نوٽيس نٿو ورتو وڃي.

ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته اهڙي ڪنهن واقعي جو ٿيڻ بنيادي طور قانوني عملداري يا حڪومت ناڪامي آهي، جنهن ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي جيئن اهڙي قسم جا واقعا سماج ۾ نه ٿين، جيڪي گهڻن ئي حوالن سان حڪومتي توڙي قانوني طور نندڻ جوڳا آهن.

جناح ڪالونيءَ جي رهواسين کي غير محفوظ هئڻ جو شدت سان احساس ڏياريو آهي. قانوني ادارن توڻي حڪومتي ادارن جو ڪم ڪراچيءَ واسين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ آهي، جنهن کان هو غافل نظر اچي رهيا آهن. جيڪڏهن ادارا پنهنجو سمورو ڪم پنهنجو سمجهي ڪن ته شايد هن قسم جي واقعن ٿيڻ جو سبب ئي نه پئدا ٿئي.

معذور نياڻي ۽ سندس متاثر خاندان سان هن اذيتي گهڙيءَ جو ذڪر ڪندي وس وارن کان اها گهر ڪجي ٿي ته جوابدارن کي جيترو جلد ٿي سگهي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. ساڳئي وقت قانون جي پاسداري ڪندي قانون جي بالادستي برقرار رکي وڃي. جيئن ايندڙ وقت ۾ ان قسم جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي ٻئي ڪنهن نياڻيءَ جي وقار توڻي عزت آبروءَ ڏانهن نظر کڻڻ جي جرئت نه ٿي سگهي.

اسين هن ايڊيٽوريل ذريعي قانون جي رکوالي ڪندڙ ادارن جي خدمت ۾ عرض ڪنداسين ته ڪراچيءَ اندر هن قسم جي واقعن جو وڌڻ سندن ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي مشڪوڪ بڻائڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. ايئن نه ٿئي جو اهڙن ادارن تان اڳتي هلي ماڻهن جو اعتماد کڄي وڃي. ان کان اڳ قانون جي بالادستي اهم بڻائڻ ادارن جي اولين ڪوشش هجڻ گهرجي. جيئن ڪراچيءَ واسين جي ذهنن ۾ کين لاءِ ڪا سٺي راءِ بڻيل رهي.

هن موقعي تي شهرين لاءِ پڻ ضروري آهي ته اهي ڪنهن به اهڙي امڪاني واقعي کي نظرانداز ڪرڻ بدران اڳواٽ پنهنجي ويجهي ڪنهن قانوني ادارن کي اطلاع ڪرڻ نه وسارين، ايئن ڪرڻ سان اهڙن واقعن جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو بچاءُ ڪري سگهجي ٿو اهو هڪ سٺي  ۽ باشعور شهري هجڻ جو مثال به آهي ته تحفظ به  ايئن ڪري اسين نه فقط پنهنجو بچاءُ ڪري سگهنداسين پر اوڙي پاڙي جو ڀرجهلو پڻ ٿي سگهنداسين، اسان کي وسارڻ نه گهرجي ڪو به سٺو عمل اول پنهنجي گهر ۽ گهٽيءَ کان ڪرڻ گهرجي هيءَ عمل پاڙي وارن کي سجاڳ رکڻ وارو عمل آهي، جيڪو ڪنهن طرح پنهنجو ڪرڻ گهرجي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.