اپوزيشن وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور(م ڊ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ سامهون اچڻ تي اپوزيشن وزيراعظم عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.  وزيراعظم کان استعيفيٰ جي مطالبي تي قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، قرارداد مسلم ليگ(ن) جي اسيمبلي ميمبر سميرا ڪومل طرفان جمع ڪرائي وئي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ حڪومت جي خلاف چارج شيٽ آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا ويا. پاڪستان دنيا جي 40 ڪرپٽ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي، قرارداد جي متن موجب پاڪستان مهانگائي جي حوالي سان دنيا ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب موجوده حڪومت پاڪستان جي ڪرپٽ ترين حڪومت آهي، پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪرپشن جو ذميوار وزيراعظم عمران خان آهي، وزيراعظم کي فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.