ڀارت دهشتگردي جي ماءُ آهي: منير اڪرم

نيو يارڪ (م ڊ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته ڀارت دهشتگردي سان متاثر نه پر ڏکڻ ايشيا ۾  دهشتگردي جي ماءُ آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان خطاب ڪندي منير اڪرم چيو ته ڀارت 1989 کان هيل تائين 96 هزار ڪشميرين کي شهيد ڪيو، تقريبن 23000 عورتون بيواهه، 11 هزار کان وڌيڪ عورتن سان زيادتي ۽ هڪ لک گهر ۽ اسڪول تباهه ڪيا ويا، هن چيو ته 5 آگسٽ 2019 کانپوءِ 9 لک فوجي والاريل ڪشمير ۾ مقرر آهن، معصوم ڪشميرين کي مارڻ لاءِ جعلي مقابلا ڪيا پيا وڃن، ڀارتي فوج پيلٽ گنز جو استعمال ڪري سوين ٻارن کي نابين ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.