ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ڦر دوران هندو واپاري کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ رمانڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پوليس جوابدار امداد کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار جي رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ گهري ورتي آهي. پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار 73 لک رپيا ڦر ڪرڻ تي 35 ورهين جي وير ڀان کي قتل ڪيو، واپاري ڏهرڪي جو هو.