ٽنڊو الهيار واقعو،اسد جسڪاڻي جو آپريشن، گولي ڪڍي وئي

ڄام شورو  (ڊ ر) ٽنڊو الهيار واقعي ۾ زخمي ٿيل اسد جسڪاڻي جو لمس اسپتال ڄامشورو ۾ علاج جاري آهي. گذريل ڏينهن ڊاڪٽرن اسد جسڪاڻي جو آپريشن ڪري گولي ڪڍي ورتي. رابطو ڪرڻ تي اي ايم ايس ڊاڪٽر  نياز ٻٻر  عوامي آواز کي ٻڌايو ته اسد جسڪاڻي جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو، جنهن بعد سندس جسم ۾ لڳل گولي ڪڍي وئي آهي. هن جو چوڻ هو ته اسد جسڪاڻي بيهوش آهي، اڄ صبح تائين هوش ۾ اچي ويندو. هوڏانهن اسد جسڪاڻي سان ملاقات تي پابندي برقرار آهي، اسد جسڪاڻي کي ڪنهن سان به ملاقات ڪرڻ نه پئي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.