نوري آباد ڀرسان 300 ايڪڙ زمين تي هٿياربندن جو مبينا قبضو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) نوري آباد لڳ حمائتي برادري جي موروثي 300 ايڪڙ زمين تي هٿيار بندن جو مبينا قبضو، متاثرن جو  احتجاج، ملير ضلعي لڳ ڄامشورو جي ڳوٺ صالح محمد حمائتي ڳوٺ جي معززن الهڏنو حمائتي، انور حمائتي، الله بچايو حمائتي، صالح محمد حمائتي ۽ ٻين ڪالهه ميمڻ ڳوٺ پھچي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ تي الزام مڙهيو آهي ته هن سندن ڳوٺ ڀرسان حمائتي برادري جي موروثي 300 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري 40 کان وڌيڪ هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، ان سلسلي ۾ جڏهن اسان جو وفد حليم عادل شيخ سان ملڻ سندس گهر ويو ۽ کيس قانوني دستاويز ڏيکاري ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن اسان جي ڳالهه ٻڌڻ بدران اسان کي ڌڪا ڏيئي گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ڌمڪي ڏني ته زمين منهنجي آهي جيڪو به زمين تي ايندو اهو ماريو ويندو، هنن پريس ڪانفرنس دوران صحافين کي ڄاڻايل زمين جا دستاويز  ثبوت طور ڏيکاريندي چيو ته قبضي کي 3 سال گذري ويا آهن ۽ اسان مسلسل تر جي چونڊيل نمائندن، روينيو ڪامورن، راڄن جي چڱن مڙسن کان سواءِ عدالت جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر اسان جي قانوني، اخلاقي ۽ راڄوڻي طور مدد بدران ڪوڙا ڌٽا ڏيئي موٽايو پيو وڃي اسان ٻيو ڪو رستو نه ڏسي اڄ ميمڻ ڳوٺ پهتا آهيون جتي قبضي خلاف پريس ڪانفرنس ڪري سنڌ جي وڏي وزير ، ڊي جي رينجرز تر جي چونڊيل نمائندن، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ٻين کي قبضو خالي ڪرائڻ جي اپيل ڪريون ٿا ۽ اعلان ڪريون ٿا ته جيڪڏهن حليم عادل شيخ پنهنجن هٿياربندن کي زمين تان اٿاري قبضو خالي نه ڪرايو ته سنڌ جي ساڃاهه وندن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ برادري کي ساڻ ڪري احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين، جنهن ۾ سنڌ اسمبلي اڳيان ڌرڻي، ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مظاهري ۽ لانگ مارچ سميت مختلف جدوجهد جا طريقا استعمال ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.