پ پ جي آمراڻي طرز جي حڪومت مذمت جوڳي آهي: اسد عمر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي احتجاج تي لٺبازي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جمهوريت جي لباس ۾ پ پ جي آمراڻي طرز جي حڪومت مذمت جوڳي آهي.

پنهنجي بيان ۾ اسد عمر چيو ته پاڪستان جو دستور شهرين کي پر امن احتجاج جو حق ڏئي ٿو، طاقت جي استعمال سان اختلاف واري حق کي غصب ڪرڻ جي روايت شرم جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ پارٽي راڄ جي بدران پيپلز پارٽي آئيني حقن جو احترام ڪري، پوليس کي سياسي پارٽين جي بدران سنڌ ۾ ڏوهن خلاف استعمال ڪيو وڃي.

ياد رهي ته سنڌ جي مڪاني نظام خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ سان گڏ احتجاج ڪيو ويو، پوليس ريڊ زون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.