ايم ڪيو ايم جو احتجاج، معاملي جي انڪوائري ڪنداسين: ناصر شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسان مڪاني قانون ۾ تبديلي لاءِ تيار هئاسين ۽ آهيون.

ايم ڪيو ايم ۽ ڌرڻي ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ردعمل ڏيندي ناصر شاهه چيو ته اسان جي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، متحده کي پريس ڪلب وڃڻو هو پر اهي اوچتو سي ايم هائوس وڃڻ لڳا.

هن چيو ته اتي رڳو سي ايم هائوس نه فائيو اسٽار هوٽل به آهن، جن ۾ پي ايس ايل جا رانديگر ترسيل آهن، ايم ڪيو ايم کي ائين نه ڪرڻ گهربو هو، اهو رڳو حڪومت جو نه انتظامي معاملو به آهي، پوءِ به اسان انڪوائري ڪنداسين، ڪوتاهي ثابت ٿي ته ايڪشن وٺنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.