مڪاني قانون خلاف ڌرڻو: سنڌ حڪومت ۽ جماعت اسلامي ۾ ڪجهه معاملن تي اتفاق

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ۽ سنڌ حڪومت ۾ ميئر جي اختيارن جي ڪجهه اهم معاملن تي اتفاق ٿي ويو.

ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران جماعت اسلامي جو سنڌ جي مڪاني قانون خلاف لڳل ڌرڻي کي 27هون ڏينهن آهي.

ذريعن موجب پارٽي قيادت جي هدايت تي سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جماعت اسلامي سان ڳالهين جو حصو بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائڻ ۾ پيپلز پارٽي قيادت جي ويجهي ساٿي اهم ڪردار ادا ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت وڏي وزير کي فيصلائتي ڳالهين جي هدايت ڪئي آهي.

ذريعن ٻڌايو ته ميئر جي اختيارن جي ڪجهه اهم معاملن تي جماعت اسلامي ۽ سنڌ حڪومت ۾ اتفاق ٿي ويو آهي ۽ ميئر کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قانون ۾ ترميم تي سنڌ حڪومت راضي ٿي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ڪجهه مڪاني ادارا ميئر جي ماتحت ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

ذريعن موجب جماعت اسلامي سنڌ حڪومت کان لکت واري معاهدي تي زور ڏنو آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت مشاورت لاءِ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي مهلت گھري ورتي آهي.

ذريعن ٻڌايو ته 48 ڪلاڪن ۾ نتيجي جوڳي ڳالهين جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويندو.

جماعت اسلامي جو موقف آهي ته وهيڪل ٽيڪس جو 70سيڪڙو حصو ڪراچي بلديا کي ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.