تلھار ۾ اڻڄاتل ھٿياربند دڪاندار کان هزارين رپيا ڦر ويا

تلھار ۾ اڻڄاتل ھٿياربند دڪاندار کي يرغمال بڻائي هزارين ڦر ڪري ويا.

شهر ۾ واقع ڪريانه ھول سيل تي ٽن اڻڄاتل هٿياربندن پهچي دڪاندار عباس خواجه کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ويو.

هٿياربند دڪاندار کان دڪان ۾ پيل روڪ ستر ھزار روپيا ڦري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واردات واري هنڌ جائزو ۽ علائقي واسين کان تفصيل ورتا.

ٻئي پاسي متاثر دڪاندار ۽ آل واپاري ايسوسيئشن جي اڳواڻن تلهار پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڏينهن ڏٺي جو سرعام ڦرلٽ ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري، رقم واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي…………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.