دل جي مرضن کان بچڻ لاءِ ڪهڙن کاڄرو تيلن جو استعمال فائديمند آهي؟

کاڌو بچائڻ جو تيل تقريبن هر کاڌي ۾ هڪ لازمي جُز آهي ۽ اسان جي بورچي خاني جو به هڪ اهم جز آهي، جيڪو اوهان جي صحت تي گھڻا اثر وجھي سگھي ٿو.

جيڪڏهن اوهان اڳ ئي دل جي بيمارين ۾ مبتلا آهيو جن لاءِ خاص سار سنڀال جي ضرورت هوندي آهي، ته اوهان کي کائڻ جي جٽادار چونڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڪجهه کاڄرو تيل خاص طور تي دل لاءِ سٺا هوندا آهن ۽ اوهان جي جسم کي مختلف طريقن سان فائدو پهچائيندا آهن، هتي تيل جي مختلف قسمن جي فهرست آهي جيڪا اوهان جي دل کي هڪ کان وڌيڪ طريقن سان فائدو پهچائي سگھن ٿا.

دل جي مرضن لاءِ فائديمند تيل:

Which Cooking Oil is Best for Cancer Patients? | Onco.com

مڱيرن جو تيل:

Peanut Oil Benefits: Why you must switch to peanut oil now

مڱيرن جو تيل دل جي مرضن لاءِ بهترين کاڄرو تيلن مان هڪ سمجهو ويندو آهي. ان تيل ۾ وٽامن اي ۽ مونو ان سيچوريٽڊ فيٽس ۽ پولي ان سيچوريٽڊ فيٽس جو هڪ اعليٰ مقدار هوندو آهي جڏهن ته وٽامن اي دل لاءِ سٺي آهي، تيل جي خراب ڪولسٽرول جي سطح کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو. اهو گھڻو تجويز ڪيو ويندو آهي ته اوهان مڱيرن جي تيل کي زيتون جي تيل ۾ گڏائي سگھو ٿا ته جيئن اوميگا 6 ۽ اوميگا 3 فيٽي ايسڊز جو مناسب ميلاپ حاصل ڪري سگھجي.

زيتون جو تيل:

Heating olive oil can release toxic fumes? | The Times of India

زيتون جو تيل سڀ کان وڌيڪ مشهور صحتمند کاڌو پچائڻ جي تيل مان هڪ آهي. اهو ٻوٽن تي ٻڌل مرڪبن سان ڀريل آهي جنهن کي پوليفينول چوندا آهن جيڪو دل جي بيمارين جي خطرن کي گھٽ ڪرڻ ۾ فائديمند آهي، زيتون جي تيل ۾ صحت بخش سڻڀ به هوندو آهي جيڪو ڪولسٽرول جي سطح کي ڪنٽرول ۾ رکندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح دل جي بيمارين جي خطري کي گھٽائي سگھجي ٿو. انهن سڀني کانسواءِ، ان ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن جيڪي جسم لاءِ سٺا هوندا آحن ۽ وزن ۾ گھٽتائي لاءِ مددگار هوندا آهن.

سورج مکي جو تيل:

Health Benefits of Sunflower Oil for Skin, Hair & more

سورج مکي جو تيل دل جي بيمارين جي خطرن کي گھٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو. ٻين تيلن جي ڀيٽ ۾ سورج مکي جي تيل ۾ وٽامن اي هوندي آهي جيڪا دل لاءِ سٺي آهي.

سرنهن جو تيل:

Health benefits of mustard oil body massage during winter

اهو تيل نه رڳو دل پر جلد، جوڙن ۽ جسم جي ٻين حصن کي به فائدو پهچائيندو آهي. ان تيل ۾ مونو سيچوريٽڊ، پولي ان سيچوريٽڊ فيٽي ايسڊز، اوميگا 3 ۽ اوميگا 6 فيٽي ايسڊز جو ڀرپور مقدار هوندو آهي. اهو به مڃيو ويندو آهي ته سرنهن جو  تيل جو تيل هاضمي ۽ بک کي بهتر ڪندو آهي.

سويابين جو تيل:

What is Soybean Oil - RBD Soybean Oil Applications

سويا بين جو تيل سويابين مان ڪڍيو ويندو آهي. ان ۾ فيٽي ايسڊز جو ججهو مقدار هوندو آهي جيڪو سڄي جسم کي فائدو پهچائيندو آهي. سويابين جو تيل جسم ڪولسٽرول کي جمع ٿيڻ کان روڪيندو آهي ۽ دل جي مختلف مرضن کي روڪيندو آهي.

زعفران جو تيل:

Saffron Oil For Skin Whitening | A Natural Elixir To Bright Skin – VedaOils

اهو تيل جسم ۾ ڪولسٽرول کي متوازن ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ دل جي بيمارين جي خطرن کي گھٽائيندو آهي. ان جون خاصيتون شريانين کي سخت ٿيڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون.

ياد رکو جيڪو تيل اوهان کاڌو پچائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون اهو اوهان جي دل جي سار سنڀال ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي. تنهنڪري تيل جي چونڊ غور سان ڪريو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.