ناظم جوکيو قتل ڪيس مان 7 جوابدارن جا نالا خارج

 

ملير (ويب ڊيسڪ) ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ڪراچي پوليس 7 جوابدارن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا.

جڊيشل مئجسٽريٽ ملير ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جمع ڪرايل حتمي چالان ۾ پوليس 7 جوابدارن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا، جن ۾ محمد خان، محمد اسحاق، سليم سالار، محمد سومار، دودو جوکيو، احمد خان ۽ عبدالرزاق شامل آهن.

چالان جي متن موجب جوابدار ڄام اويس، ڄام ڪريم، مير علي، حيدر علي ۽ نياز سالار ذميوار نڪتا، جڏهن ته ڄام ڪريم، معراج، عطا محمد ۽ زاهد کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.