بلو بيريز جا بهترين قدرتي طبي فائدا

بلو بيريز قدرت جي بهترين خزاني مان ڪنهن نعمت کان گھٽ نه آهن. جيئن صوف اسان کي بيمارين کان بچائي سگھي ٿو ائين ئي  بلو بيريز  اسان کي مختلف مرضن کان پري رکي سگھن ٿيون.

انهن ۾ سڀ کان اهم دل جا مرض آهن جيڪي تيزي سان سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيا آهن. ماڻهو بلو بيريز کي دليي ۾ گڏائي کائيندا آهن ۽ ڏهي ۾ ٻوڙي به کائيندا آهن. پر ان کي عام طرح به کائي سگھجي ٿو.

يونيورسٽي آف سري پنهنجي تحقيق ۾ چيو آهي ته بلو بيريز جو باقاعده استعمال بلڊ پريشر لاءِ فائديمند آهي ۽ دل جي مرضن کان پري ڪندو آهي. پاڪستان جيان سڄي دنيا ۾ دل جي مرضن جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ بلو بيريز ان ڪيفيت کي ختم ڪنديون آهن.

بلو بيريز ۾ اينٿوسائنائن جي ڀرمار هوندي آهي جيڪي ڳاڙهن، ۽ بلو بيريز ۾ عام موجود هوندا آهن.

اينٿوسائنائن هڪ جادوئي غذائي جز آهي جيڪو دل جي ڀرپور حفاظت ڪندو آهي. ٻي پاسي جرنل آف گيرنٽولوجي ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلو بيريز ۾ موجود جُز شريانين ۽ رت جي رڳن کي منظم رکندا آهن. انهن جو هڪ ٻيو فائدو اهو آهي ته بلو بيريز کائڻ سان بلڊ پريشر ڪنٽرول ۾ رهندو آهي.

جيڪڏهن بلو بيريز جو شربت ٺاهي پيتو وڃي ته ان سان وڌيڪ فائدو ٿيندو. ان سان رت جون شريانيون کلنديون آهن ۽ سڄي نظام کي گھڻو فائدو ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻين عضون تائين رت جو وهڪرو بهتر ٿيندو آهي.

هڪ ٻئي ماهر رونالڊ سمٿ جو چوڻ آهي ته بلو بيريز ۾ مختلف قسمن جا ڪيترائي بهترين اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن جيڪي ڪينسر جو خطرو گھٽائيندا آهن، ان سان بلڊ پريشر ڪنٽرول ۾ رهندو آهي ۽ اندروني جسماني سوڄ گھٽ ٿي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.