ثانيا مرزا کي رٽائرمينٽ جي اعلان تي افسوس

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا، جنهن تازو ئي اعلان ڪيو هو ته 2022ع هن جو آخري سيزن هوندو، سندس جو چوڻ هو ته هن کي پنهنجي رٽائرمينٽ جو جلد اعلان ڪرڻ تي افسوس آهي، هوءَ پنهنجو ٽينس ڪيريئر ختم ڪرڻ تي خوش ناهي.

مڪسڊ ڊبلز ۾ ڪوارٽر فائنل کان ٻاهر ٿيڻ بعد ثانيا مرزا ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته آئون جلدي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته مون کي پنهنجي فيصلي تي هڪ طرح جو افسوس آهي ڇو جو اڃا مون کان به اهو ئي پڇيو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته آئون ميچ کٽڻ لاءِ ٽينس کيڏي رهي آهيان ۽ جيستائين آئون کيڏي رهي اهيان ته هر ميچ ۾ کٽڻ جي ڪوشش ڪندي رهنديس، مون کي ٽينس کيڏڻ سٺو لڳندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.