اڳوڻو ڊي جي نيب مصدق عباسي احتساب بابت وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر (ر) مصدق عباسي کي وزيراعظم جو احتساب بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.

برگيڊيئر رٽائرڊ مصدق عباسي کي وزيراعظم جو احتساب بابت صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته شهزاد اڪبر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار جي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.

اڄ صدر عارف علوي جي منظوري کانپوءِ ڪابينا ڊويزن شهزاد اڪبر جي مستعفي ٿيڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن کانپوءِ نيب جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر (ر) مصدق عباسي کي وزيراعظم جو احتساب بابت نئون صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.