اپوزيشن 23 مارچ تي اچي ڏيکاري: شيخ رشيد جو چئلينج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد اپوزيشن کي چئلينج ڏنو آهي ته هو هاڻي پوئتي نه هٽن ۽ 23 مارچ تي ئي اسلام آباد اچن.

شيخ رشيد اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 23 مارچ تي رستا بند هوندا، اپوزيشن پنهنجو شوق پورو ڪري، ممڪن آهي ته 23 مارچ تي موبائل فون سروس به بند هجي.

هن چيو ته اسلامي دنيا جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي اسلام آباد اچي رهيا آهن، اپوزيشن 23 مارچ تي اچي، مخالفن کي سياسي شڪست ۽ ذلت نصيب ٿيندي، اپوزيشن لاءِ ڪو مسئلو پيدا نه ڪيو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته عمران خان رستن تي نڪري پيو ته واقعي وڏو خطرناڪ هوندو، عمران خان جي رستن تي نڪرڻ وارو پيغام اپوزيشن لاءِ آهي.

وفاقي گھرو وزير وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪالهه عجيب ڳالهه ڪئي آهي ته مک جيان عمران خان کي ڪڍنداسين، يقين سان چوان پيو ته عمران خان وٽ عوامي طاقت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.