اهڙو صحت نظام آڻي رهيا آهيون، جيڪو شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي هجي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت صحت سسٽم ۾ جيڪو ڪرڻ پئي وڃي، اهو نظام شايد ئي دنيا ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ هجي.

اسلام آباد ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن صحت ڪارڊ جي حوالي سان تمام وڏو قدم کنيو آهي، هر خاندان وٽ 10 لک رپين جو هيلٿ ڪارڊ هوندو، صحت ڪارڊ تي سرڪاري اسپتال کانسواءِ پرائيويٽ اسپتال ۾ به علاج ڪرائي سگھجي ٿو.

سندس چوڻ هو ته کيس برطانيا جي صحت واري نظام متاثر ڪيو، برطانيا جو هيلٿ سسٽم دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سٺو آهي پر جيڪو اسان ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، اهڙو پروگرام شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي هجي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ سسٽم رڳو  اشرافيه لاءِ ٿي ويو هو، صحت ڪارڊ جي ذريعي ڪو به شخص نجي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي سگھي ٿو، ماضي جي حڪمرانن کي کنگهه به ٿيندي هئي ته علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه هليا ويندا هئا، جڏهن ته ميانوالي جهڙن پٺ تي پيل علائقن مان ماڻهن کي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج لاءِ راولپنڊي وڃڻو پوندو هو.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته جيتري مهم عثمان بوزدار خلاف هلي، ايتري ڪنهن ٻئي وڏي وزير خلاف ناهي هلي، سروي آئي ته عثمان بوزدار سڀ کان وڌيڪ ڪامياب وزيراعليٰ بڻجي ويو.

سندس چوڻ هو ته نيشنل سيڪيورٽي عوام ڏيندو آهي، جڏهن عوام ملڪ کي پنهنجو مڃي ٿو تڏهن قوم گڏ ٿئي ٿي، ساڍا 400 ارب رپيا هيلٿ ڪارڊ تي خرچ ڪيا پيا وڃن، 5 مدر اينڊ چائلڊ اسپتالون ٺاهيون پيون وڃن، اسان دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجنداسين ته فلاحي رياست ڇا ٿيندي آهي.

وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته پرائيويٽ اسپتالن کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، پرائيويٽ اسپتالن کي سستي زمين به فراهم ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.