ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 15 فوتگيون، 5196 نوان ڪيس رپورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن وڌيڪ 15 ڄڻا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5196 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وڌيڪ 15 مريض لاڏاڻو ڪري ويا آهن.

سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 10.18 سيڪڙو رهي.

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو مجموعي انگ 29137 ۽ متاثرن جو گڏيل انگ 13 لک 86 هزار 348 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1453 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 12 لک 71 هزار 87 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.