صحافي حسنين شاهه جي قتل جو مک جوابدار گرفتار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) نجي ٽي وي جي رپورٽر حسنين شاهه جي قتل جو مک جوابدار عامر بٽ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب حسنين شاهه جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار عامر بٽ کي جيل روڊ تان گرفتار ڪيو ويو.

واضح رهي ته ڊي جي آپريشنز ٻڌايو هو ته حسنين شاهه جي قتل ۾ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

نجي ٽي وي جي رپورٽر حسنين شاهه کي ٻه ڏينهن اڳ لاهور پريس ڪلب سامهون گاڏي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.