اسد جسڪاڻي کي اسپتال ۾ يرغمال بڻايو ويو آهي: ايس ٽي پي سربراهه

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته اسد جسڪاڻي کي اسپتال ۾ يرغمال بڻائي ملاقاتون نه ڪرائڻ لاءِ پوليس کي بيهاريو ويو آهي، ڳٺجوڙ ڪري اسد جسڪاڻي جي زندگي سان کيڏيو پيو وڃي، خدشو آهي ته اسد جسڪاڻي کي سازش ڪري ايم ڪيو ايم جي مرضي موجب ماريو نه وڃي.

حيدر آباد ۾ ترقي پسند هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ٽي پي سربراهه چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي پارٽي جي وائيس چيئرمين هو، جنهن کي سازش تحت شهيد ڪيو ويو، جيڪڏهن اسان ان وقت صبر ۽ امن وارو رستو نه وٺون ها ته سڄي شهر باهه ۾ ٻري پئي سگھي ۽ بي گناهه ماڻهن جو نقصان ٿئي ها، پر ايس ٽي پي پنهنجي ساٿي جو لاش قبر ۾ صبر سان لاٿو ۽ قانوني رستو اختيار ڪيو.

ايس ٽي پي سربراهه چيو ته خليل الرحمان ڀولو الطاف جسڪاڻي جي ڀاءُ اسد جسڪاڻي سان عدالت ۾ پوئين پيشي وقت به منهن ماري ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون، ان کانپوءِ به ڪارڪنن ايس ايس پي آفيس ويا ته معاملي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، جنهن واقعي جي به وڊيو منظرعام تي آئي، سڀ ثبوت هئا، پر پوليس ان وقت به ڪا ڪارروائي نه ڪئي.

هن چيو ته ٻيهر ٻڌڻي تي اسد جسڪاڻي ۽ خليل الرحمان ڀولو پيشي تي پهتا ته اوچتو ڪٿان حملو ٿيو، جنهن ۾ خليل الرحمان ڀولو مارجي ويو ۽ اسد جسڪاڻي زخمي ٿي پيو، جنهن کانپوءِ ڀولو جي وارثن اسد جسڪاڻي ۽ سندس ٻن ڀائرن کي نامزد ڪيو.

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته تنهن هوندي به ايس ٽي پي چيو ته عدالت رستو اختيار ڪيو ويندو، پر ڀولو جي ساٿين اسپتال ۾ اسد جسڪاڻي جو علاج ڪرڻ نه ڏنو، عملي کي يرغمال بڻائي ڊاڪٽرن کي ٻاهر اسپتال مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جئين اسد جسڪاڻي جو رت وهندو رهي ۽ هو فوت ٿي وڃي.

ايس ٽي پي سرابراهه مطالبو ڪندي چيو ته ڄامشورو جي ايس ايس پي جاويد بلوچ اسد جسڪاڻي جي زندگي خطري ۾ وجهي ڇڏي آهي. کيس فوري طور طبي امداد فراهم ڪري، واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي اسد جسڪاڻي سندس بي گناهه ڀائرن مٿان داخل ڪوڙا ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.