جيڪب آباد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٽرافي الفضل اسپورٽس ٽيم پنهنجي نالي ڪري ورتي.
پھرين سٽي ڪرڪيٽ بورڊ جبار گل مينگل پاران شھيد عبدالرحمن بروھي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي سپر ڊائمنڊ ۽ الفضل اسپورٽس ٽيمن وچ ۾ ٽورنامينٽ کيڏي وئي.
ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ سپرڊائمنڊ اسپورٽس پھرين بيٽنگ ڪندي 10 اوورن ۾ 68 رنسون ٺاهيو، جنهن جي جواب ۾ الفضل اسپورٽس ٽيم رانديگر توصيف احمد جي ڪوششن سان مليل هدف 7 اوورن ۾ آساني سان حاصل ڪري ميدان ماريو.
ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندڙ جيڪب آباد ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين سرفراز احمد شيخ ۽ سيد فيصل شاھه فاتح ٽيم جي رانديگرن ۾ انعام ورهايا.