ڄامشورو: پوليس پاران ڦرلٽ ڪندڙ گروهه جا ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڄامشورو پوليس هاءِ وي تي ڦرلٽ ڪندڙ گروهه جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري، ڦر ٿيل سامان ۽ گاڏيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

انهيءَ حوالي سان ايس ايڇ او ڄامشورو ملڪ رياض پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل مهيني 22 ڊسمبر تي شهر جي مقامي هوٽل وٽان 8 هٿياربندن ڪراچي کان ايندڙ 32 ٽن لوهي سيخن سان ڀريل ٽرالر جي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي يرغمال بڻائڻ کانپوءِ ٽرالر ڪاهي ويا.

ايس ايڇ او ڄامشورو ٻڌايو ته اھڙي واردات کانپوءِ ايس ايس پي ڄامشورو جاويد احمد بلوچ جي هدايتن تي ڊي ايس پي نوري آباد جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي هئي.

جوڙيل ٽيم ڪامياب ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن هاشم بروهي ۽ اعجاز جٽ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڦر لوهي سيخن واري ٽرالر، هڪ ڪار ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪيو، جڏهن ته ڪارروائي دوران وڌيڪ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

ٻئي پاسي ٽرالر مالڪن پوليس جي ڪاميابي ڪارروائي تي ايس ايس پي آفيس ڄامشورو پھچي ايس ايس پي جاويد احمد بلوچ جا ٿورا مڃيا ۽ کيس گلدستو پڻ پيش ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.