دادو ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، ڌرڻو

دادو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

واپاري اتحاد جي سڏ تي دڪاندارن ڪاروبار مڪمل طور بند ڪري بابو سرهيو، شمن ملاح، فھيم آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ايس ايس پي موڙ تي پهتي جتي، مظاهرين ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي اعجاز شيخ جي جارچ سنڀالڻ کانپوءِ ضلعي ۾ چورين، ڦرين، ڌاڙن سميت ٻين ڏوهن جون وارداتون وڌي ويون آهن، پر پوليس اگهور ننڊ ستل آهي.

هنن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايس پي اعجاز شيخ کي هٽائي سندس جاءِ تي فرض شناس آفيسر مقرر ڪري شهر ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.