پنهنجا ماڻهو ماريندڙ ايم ڪيو ايم وارن کي ذرو به شرم ۽ حيا ڪونهي: اياز لطيف پليجو

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر جي تقرير جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي نفرت جي سياست وڏو نقصان ڏنو آھي، نفرت جي سياست انسانيت جي دشمن آھي، ملڪ ۾ رهندڙ هر ٻولي ڳالهائيندڙ ڀائر آهن.

پنهنجي بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته عالمي سامراجي طاقتون ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاھين ٿيون، انھن جي ھدايت تي نفرت ۽ ڏڦيڙ پکيڙيو وڃي ٿو، ايم ڪيو ايم سڀ کان وڌيڪ نقصان اردو ڳالھائيندڙ مائرن کي ڏنو، ھنن نوجوانن کي ڪتابن بدران ھٿيار ڏنا، انھن کي مھذب سڃاڻپ ٺاهڻ بدران ڪن ڪٽا، لنگڙا ۽ ڪاڻا وارا نالا ڏنا، اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جو حصو آھن ۽ اسان جا ڀائر آھن.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ايجنڊا نفرت ۽ ھٿيار رھي آھي، ھنن سدائين يڪجھتي ۽ ڀائيچاري کي نقصان ڏنو آھي، نسل پرستي، تعصب، شرپسند ۽ بدامني پکيڙيندڙ عنصرن کي سڃاڻڻ گهرجي، هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن سوين معصوم مھاجرن جو قتل عام ڪرايو، اهي ئي ماڻهو آهن، جن بلديا فيڪٽري ۾ سوين ماڻهن کي ساڙي ماري ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته توهان کي ذري جيترو به شرم ۽ حيا ڪونهي، توهان پنهنجي ئي ماڻهن کي ماري ڇڏيو، آئون توهان کي خبردار ٿو ڪيان ته نفرتن جي سياست نه ڪيو، ڏار وجهڻ جي ڪوشش نه ڪيو، اسان پرامن ماڻهو آهيون، ڀت سان لڳائڻ جي ڳالھه ڪندئو ته ست ڪروڙ سنڌي مزاحمت ڪندا، اسان ارغونن ترخانن کي شڪست ڏني توهان ڇا آهيو، اسان پنهنجي ڌرتي تي ئي هونداسين، توهان سنڌين کي ڪچلي بادشاهي ڪرڻ جي هوا پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.