لاهور پريس ڪلب ٻاهران صحافي قتل

 

لاهور ( ويب ڊيسڪ) لاهور پريس ڪلب ٻاهران اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ مقامي صحافي کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب حسنين شاهه، پريس ڪلب ٻاهران پنهنجي گاڏي ۾ ويٺل هو ته موٽرسائيڪل سوار کيس روڪي گولي هني، جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي دم ڏئي ڇڏيو.

حسنين شاهه خانگي ٽي وي چينل ۾ ڪرائيم رپورٽر ۽ لاهور پريس ڪلب جو ميمبر هو، لاهور جي سي سي پي او فياض احمد واقعي جو نوٽِس وٺندي چيو آحي ته واقعي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا.

ٻئي پاسي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ (پي ايف جي يو) واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

لاهور اڪنامڪ جرنلسٽ ايسوسيئيشن به قتل جي مذمت ڪندي چيو آحي ته صحافين جون جانيون محفوظ ناهن ۽ انتظاميا صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

لاهور جي پريس ڪلب جي صدر اعظم چوڌري چيو آهي ته ڏينهن ڏٺي پريس ڪلب آڏو صحافي جو قتل حڪومت لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي.

انٽرنيشنل فيڊر فيڊريشن آف جرنلسٽ (آءِ ايف جي) موجب پاڪستان ۾ 2021 دوران ٽن صحافين کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته هلندڙ سال سڄي دنيا ۾ 45 صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.