سپريم ڪورٽ خورشيد شاهه جي ضمانت جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شيد خورشيد احمد شاهه جي ضمانت جي ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) پاران رڳو بنا نالي ادارن جو الزام لڳايو ويو، نيب خورشيد شاهه جي اثاثن جي سيل ڊيڊ ماليت رد ڪرڻ جو ٺوس قانوني جواز پيش ناهي ڪيو.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه خورشيد شاهه جي ضمانت واري ڪيس جي لکت واري فيصلي ۾ لکيو آهي، جنهن موجب نيب خورشيد شاهه ۽ فيملي ميمبر جي اثاثن بابت ٺوس مواد پيش ناهي ڪري سگھي، نيب وٽ بنا نالي ادارن جي ملڪيت خورشيد شاهه جي هجڻ شاهديون ناهن مليون.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب پاران رڳو بنا نالي واران ادارن جي الزام لڳايو ويو، نيب خورشيد شاهه جي اثاثن جي سيل ڊيڊ ماليت رد ڪرڻ جا ٺوس قانوني جواز پيش ناهي ڪري سگھي. نيب خورشيد شاهه جي زرعي آمدني جو ڪاٿو قانون موجب ناهي لڳايو.

فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته بينڪنگ ٽرانزيڪشن بابت خورشيد شاهه تي لڳايل الزامن کي مڃڻ جو ڪو گرائونڊ ناهي، خورشيد شاهه جي گرفتاري جي ٻن سالن بعد نيب فائنل ريفرنس داخل ناهي ڪرائي سگھي، خورشيد شاهه کي وڌيڪ حراست ۾ رکڻ غيرقانوني ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي هوندو، جنهن لاءِ خورشيد شاهه جي هڪ ڪروڙ رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.