ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن شاگردن کي جمعي جي نماز پڙهڻ کان روڪي ڇڏيو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مسلمان دشمني جو وڌيڪ هڪ واقعو پيش آيو آهي، هندو انتهاپسندن ٻارن جي هڪ گروپ کي جمعي جي نماز پڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ رياست ڪرناٽڪا جي ڪولار ضلعي ۾ واقع هڪ سرڪاري اسڪول ۾ پرنسپل پاران مسلمان ٻارن کي هر جمعي ڪلاس روم ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت ڏني هئي.

رپورٽن مجب اسڪول ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ جو خبر جڏهن هندو انتهاپسند تنظيم کي پئي ته هنن احتجاج ڪندي ان عمل کي روڪرائي ڇڏيو ۽ ان خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن موجب هو گذريل ٻن مهينن کان اسڪول ۾ جمعي جي نماز پڙهي رهيا آهن، جنهن جي اجازت پرنسپل پاران ڏني وئي هئي، جڏهن ته اسڪول جي پرنسپل پاران ان حوالي سان بي خبري جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.