دهشتگردن سان ڳالهيون نه پيا ڪيون، اپوزيشن 23 مارچ کانپوءِ اچي: شيخ رشيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ٽي ٽي پي جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار آهيون پر پاڪستان جي سلامتي سان ٽڪرائيندڙن سان ٽڪراءَ ۾ اينداسين.

سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 15 آگسٽ کان هيل تائين دهشتگردي ۾ واڌ ٿي آهي، ڀارتي ايجنسي “ را “ دهشتگردي جي لاءِ پاڪستاني ڏوهارين کي استعمال ڪري رهي آهي، هيل تائين راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 10 پوليس اهلڪار ٽارگيٽ ٿيا، 2 دهشتگرد پڪڙيا ويا، داسو ۽ گوادر واقعن ۾ گرفتاريون ڪيون آهن، فيصلا عدالتن کي ڪرڻا آهن، اسان کي دهشتگردي خلاف هڪ بيانيو ٺاهڻ گهرجي، خوشي آهي ته اپوزيشن به دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿي، دهشتگردي جي مقابلي ۾ اسان اپوزيشن سان گڏ آهيون.

گهرو وزير چيو ته ڀارت ڪڏهن به نه چاهيندو ته پاڪستان ۽ طالبان وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿين، هاڻي دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نٿا ڪيون، پاڪستاني فوج دهشتگردن کي منهن ڏئي رهي آهي، جتي ڪو ڪنڌ کڻي ٿو ته ايڪشن ورتو وڃي ٿو، ملڪ ۾ ڪنهن به صورت دهشتگردي جي اجازت نه ڏينداسين.

شيخ رشيد چيو ته مون بابت اپوزيشن کي جيڪو وڻي چوي، سياست هلندي رهندي آهي، اسان جو ڪم کين سمجهائڻ آهي، دهشتگرد ڪنهن جو ناهي هوندو، بينظير کي منٿون ڪيون ته اسلام آباد ۾ جلسو نه ڪيو، فضل الرحمان ۽ مون مٿان به دهشتگرد حملا ٿيا، آئون ڪووڊ جي خطري جو نٿو چوان،23 مارچ تي او آءِ سي لاءِ سموري دنيا مان 100 کان وڌيڪ سربراهه اچي رهيا آهن ۽ رستا بند هوندا، فون بند هوندا، سگنل نه هوندا، اپوزيشن جو شام جو ٽي وي تي شو ڪيئن هلندو؟، هنن کي گذارش آهي ته 23 مارچ کانپوءِ 27 تي اچن، آئون ڊيڄاريان نٿو، شوق سان اچن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.