ن ليگ مافيا آهي، ڊيل جون ڳالهيون سياسي ماحول ٺاهڻ لاءِ آهن: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ن ليگ سياسي پارٽي ناهي، هڪ مافيا جيان آپريٽ ڪري رهي آهي، اپوزيشن پارٽيون ڊيل جون خبرون پکيڙي پنهنجي لاءِ سياسي ماحول ٺاهي رهيون آهن.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

وزير اعظم چيو ته ڏوهارين سان ڊيل جي مفاهمت غداري جي برابر آهي، ن ليگ سياسي پارٽي ناهي، هڪ مافيا آهي، هنن هر شعبي ۾ راڻا شميم جهڙن ماڻهن کي استعمال ڪيو.

هن ترجمانن کي چيو ته ڪرپشن خلاف بيانيي تي فرنٽ فٽ تي کيڏيو، احتساب ۽ ڪرپشن جي خلاف بيانيي تي هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين، ڪرپشن جي بيانيي سان گڏ حڪومت جا سٺا ڪم به اجاگر ڪيو.

عمران خان چيو ته عالمي ادارا پاڪستان جي معيشت بابت لاڳيتو هاڪاري اشارا ڏئي رهيا آهن، پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، ڪاروباري ڪمپنيون رڪارڊ منافعو ڪمائي رهيون آهن، معيشت جي ترقي جا اثر جلد عوام کي منتقل ٿيندا.

شهزاد اڪبر جي استعيفيٰ جي حوالي سان وزير اعظم چيو ته شهزاد اڪبر مشڪل حالتن ۾ بهترين ڪم ڪيو، مافيا خلاف هن جي ڪم جي واکاڻ ڪيون ٿا، پر هاڻي هو پاڻ وڃڻ چاهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.