ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو گذريل ٻن مهينن جو رڪارڊ ٽٽي ويو.
صحت کاتي موجب جنوري جي 23 ڏينهن ۾ شهر ۾ 68 مريص فوت ٿي ويا، جڏهن ته نومبر 2021 ۾ 53 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿيا ۽ ڊسمبر 2021 ۾ 51 ماڻهو ڪورونا وگهي حياتيون وڃائي ويٺا.
صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون ضلعي اوڀر ۾ ٿيون آهن.
ٻئي پاسي شهر ۾ اومي ڪرون ڪيسن جو انگ به 297 ٿي ويو، جتي 117 ڪيسز ڪراچي جي ضلعي اوڀر مان رپورٽ ٿيا ۽ 57 ڪيس ضلعي ڏکڻ مان سامهون آيا.
صحت کاتي جي ترجمان موجب 77 ڪيس پرڏيهه مان ايندڙ ماڻهن ۾ رپورت ٿيا آهن.