حڪومت ڪورونا وائرس جي حوالي سان اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين سي او سي ڪورونا جو شڪار ماڻهن لاءِ گائيڊ لائنز جاري ڪري ڇڏي.

ڪورونا جي روڪٿام واري اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ دٻاءَ کي گھٽ ڪرڻ لاءِ گائيڊ لائنز اثرائتي ثابت ٿيندي، جنهن لاءِ اهڙا ماڻهو جن جو ٽيمپريچر 37 ڏهائي 5 سينٽي گريڊ يا وڌيڪ هجي، انهن جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري هجي، اهي گائيڊ لائنز تي عمل تي ڪن.

اين سي او سي موجب ڪورونا جي مريض ۽ نشانين جو شڪار ماڻهو پنج ڏينهن آئسيوليٽ ٿين، ڪورونا جا شڪار ماڻهو گھرن مان نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ ٻين کان جيترو ممڪن ٿي سگھي وٿي رکن، بيمار هجن ته گھر ۾ رهن ۽ ڊاڪٽرن سان فون تي ڳالهائين، فون يا اي ميل ذريعي ٻين سان رابطن ۾ رهن.

اين سي او سي جو چوڻ آهي ته بخار، کنگهه، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ته ڊاڪٽر کي ٻڌايو، سيني ۾ لڳاتار سور، چپ يا منهن بلو ٿين ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو، بيمار ماڻهو گھر ۾ ٻين کان وٿي برقرار رکندي ڌار ڪمري ۾ رهن، گھر ۾ رهندي ڪيترن هفتن جي دوائون ۽ سامان جي پهچ ممڪن بڻائين، جڏهن ته بيمار جي ڪيئر ڪرڻ وارا ماڻهو غير ضروري مهمانن سان ملڻ کان پاسو ڪن، بيمار ماڻهو ۽ ان جي ڪيئر ڪندڙ ماسڪ جو استعمال ڪن.

اين سي او سي گائيڊ لاعنز ۾ چيو آحي ته ڪورونا جي مريض کي کاڌو ڪري ۾ ڏنو وڃي، بهتر آهي ته مريض سان رابطو ٿيڻ جي صورت ۾ پنجين ڏينهن ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وڃي، جڏهن ته ويڪسين نه لڳايل 6مهينا ويڪسين مڪمل ٿيل ۽ بنا بوسٽر وارا ماڻهو ڪورونا مريض سان ملڻ جي صورت ۾ 10 ڏينهن قرنطينا ڪن، بوسٽر لڳائيندڙ ماڻهو کي مريض سان رابطي تي قرنطينا جي ضرورت ناهي، جڏهن ته 10ڏينهن تائين ماسڪ جو استعمال ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.