اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد حڪومت جي ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊن ۾ ڪاميابي جي اميد ظاهر ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ سينٽر فيصل جاويد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف پنهنجي ڪارڪردگي وري ڏيکاريندي ۽ اهڙي ريت سڄي پاڪستان ۾ انشاءَ الله پنهنجي ڪارڪردگي سان هڪ دفعو ٻيهر ڪامياب ٿيندي.
هن چيو ته عام چونڊون امڪاني طور تي ايندڙ سال 2023 جي آڪٽوبر مهيني ۾ ٿينديون ۽ عوام هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کي ڪامياب بڻائيندو.