افغانستان ۾ ڇوڪرين لاءِ هاءِ اسڪول ٻيهر کولڻ جو اعلان

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ مارچ کان ڇوڪرين لاءِ هاءِ اسڪول ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

افغان تعليم واري وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته امارت اسلامي کي ڇوڪرين جي تعليم سان ڪو مسئلو ناهي، افغانستان ۾ ڇوڪرين لاءِ هاءِ اسڪول مارچ کان ٻيهر کوليا ويندا.

ترجمان چيو ته ماسترياڻين کي پگھارون ڏنيو ويون آهن ۽ ڇوڪرين لاءِ وڌيڪ ماسترياڻيون ڀرتي ڪيون وينديون، جڏهن ته ماسترياڻيون نه هجڻ ڪري وڏي عمر وارا استاد ڇوڪرين کي تعليم ڏيندا.

ياد رهي ته افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڇهين ڪلاس تائين ڇوڪرين کي تعليم ڏني پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.