پي ايس ايل کان اڳ پشاور زلمي کي وڏو ڌڪ، ٻن اهم رانديگرن کي ڪورونا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 7 شروع ٿيڻ کان اڳ پشاور زلمي کي وڏو ڌڪ لڳي ويو ۽ ان جي ٻن رانديگرن کي ڪورونا ٿي ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران جاري ڪيل بيان موجب ارشد اقبال ۽ ڪامران اڪمل جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو آهي، ٻنهي جي ٽيسٽ ترتيب وار ۽ 22جنوري تي ٿي.

پي سي بي موجب ريزرو پول کان عماد بٽ ۽ امام الحق زلمي اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويا آهن، ڪورونا متاثر رانديگرن جي صحتيابي تائين ريزرو پول جا رانديگر زلمي وٽ موجود هوندا.

مصدق احمد ۽ آغا سلمان ريزرو پول جي لاءِ موجود ناهن، هنن ٻنهي جي جاءِ تي عمير بن يوسف ۽ امام الحق کي ريزرو پول جي 15رانديگرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.