ڪراچي ۾ پوليس جون ڇاپا مار ڪارروايون، 1031 جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي پوليس جي ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته گذريل هفتي دوران شهر جي مختلف زونز ۾ ڇاپا مار ڪارروائيون ڪري 1031 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن جي قبضي مان گڏيل  طور تي لکين روپين جي ماليت جو 68 ڪلو کان وڌيڪ چرس ، 7 ڪلو کان وڌيڪ هيروئن ۽ هڪ ڪلو کان وڌيڪ آئس هٿ آئي ۽ مختلف وارداتن ۾ استعمال ٿيل 126 هٿيار آيا، ترجمان موجب ڏوهن جي خاتمي جي لاءِ ڏوهارين سان 20 مقابلا ٿيا جنهن ۾ ٻه ڦور مارجي ويا، جڏهن ته 30 زخمين سميت 31 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو ،جن جي قبضي مان 28 پستول ، 14 موٽر سائيڪلون ، 4 ڪارون ۽ شهرين کان ڦريل سامان هٿ آيو پوليس مختلف ڪارروائيون ڪري چوري ۽ ڦر جون 50 موٽر سائيڪلون ۽ 5 ڪارون تحويل ۾ ورتيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.