نظام ڪهڙو به هجي، نااهل کان نٿو هلي سگهي : سراج الحق

شهدادپور/نوري آباد (نمائندا ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته وياج واري نظام کان نجات کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪمرانن آءِ ايم ايف جي چوڻ تي هڪ ڪلاڪ اندر 36 قانون پاس ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ياد تازي ڪري ڇڏي جنهن سان مهانگائي جو وڌيڪ طوفان ايندو، اسان جي مڙني مسئلن جو حل نظام مصطفىﷺ ۾ آهي، شهيد عظيم بلوچ کي الله پاڪ سندس خواهش موجب شهادت جي موت ڏئي پاڻ وٽ گهرائي ورتو، هوءَ هر طرح سان هڪ نظرياتي ۽ آئڊيل شخصيت هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهداد پور ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي اڳوڻي نائب امير عظيم بلوچ جي ياد ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ مرڪزي امير جو نوري آباد، حيدرآباد، مٽياري ۽ باقر نظاماڻي (هالا) ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو، هن چيو ته  اڄ ملڪ جو هر ٻچو 2 لک56 هزار روپين جو قرضي آهي، عدالتن ۾ انصاف اڻ لڀ، غريب ماڻهو بي گناهه سزائون ڀوڳي رهيو آهي جڏهن ته وزيراعظم سُپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کي به پنهنجي بي عزتي سمجهي ٿو، هتي غريب ۽ امير لاءِ الڳ الڳ قانون آهن جماعت اسلامي ظلم، ناانصافي، مهانگائي، وياج واري نظام خلاف سموري ملڪ ۾ 101 ڌرڻا هڻندي، ان موقعي تي وقاص انجم جعفري،  شهيد عظيم بلوچ جي ڀاءُ فرهاد بلوچ، صوبائي نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته درگاه مٽياري شريف جي سجاده نشين پير غلام مجدد سرهندي جي دُعا سان ميڙاڪي جي پُڄاڻي ٿي.هوڏانهن سراج الحق چيو ته  ملڪ اندر بدترين مهانگائي لڳي پئي آھي پورهيت طبقو سخت پريشان آھي اها ڳالھ هن  نوري آباد ۾ جماعت جي ڪارڪنن پاران ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي، هن چيو ته نظام صدارتي هجي يا پارلياماني ڪو نااهل ملڪ نٿو هلائي سگهي انهي موقعي تي جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻن محمد حسن محنتي ڊاڪٽر معراج الهد صديقي حافظ محمد صالح ڀرٽ خالد ميمڻ۽ٻين خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.