اسلام آباد( م ڊ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته نواز شريف جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ بابت منهنجي بيان کي ابتو ڪري پيش ڪيو ويو. هڪ بيان ۾ اسد عمر وضاحت ڪئي ته نواز شريف کي ملڪ مان وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪابينا ۾ مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو، ڪنهن ٻاهرين طاقت نواز شريف کي اجازت ڏيڻ جو فيصلو نه مڙهيو. هن چيو ته منهنجي بيان کي غلط پيش ڪيو پيو وڃي، پروگرام ۾ بحث هو ته وزيراعظم فيصلا ڪندو آهي يا ڪو ٻيو، نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو وزيراعظم ڪيو، مان به حق ۾ ووٽ ڏنو، اهو پوءِ واضح ٿيو ته جن ميڊيڪل رپورٽن جي بنياد تي فيصلو ڪيو، اهي ڪوڙيون ثابت ٿيون.